اسلام آباد)بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏيڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.اسلام آباد جي ضلعي عدالت ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن خلاف قلم 144 جي ڀڃڪڙي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ راجا خرم نواز عدالت ۾ پيش ٿيو.عدالت جي طلبي تي علي امين گنڊاپور پيش نه ٿيو، جنهن تي عدالت سندس مسلسل غير حاضري تي کيس اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي، جنهن تي عدالت جوابدار علي امين جو اشتهار جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ضمانت واري درخواست به رد ڪري ڇڏي.عدالت علي نواز اعواڻ جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي 12 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










