پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل جو نالو اي سي ايل ۾ شامل

پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل جو نالو اي سي ايل ۾ شامل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان جي چيف آف اسٽاف شهباز گل جو نالو ڪابينا جي منظوري سان اي سي ايل ۾ وڌو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز گل جو نالو اسلام آباد ضلعي انتظاميا جي سفارش تي اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو