واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف آمريڪا جي صدر سجاد برڪي اڳوڻي آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو سان ملاقات ڪئي آهي.هوسٽن ۾ ٿيل ان ملاقات ۾ ڪانگريس ميمبر مائيڪل ميڪل، پاڪستاني-آمريڪي ريپبلڪن جاويد انور ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عاطف خان به موجود هئا.ملاقات جي حوالي سان سجاد برڪي چيو ته ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته آمريڪا ۾ ريپبلڪن حڪومت ايندي ته پاڪستان ۽ آمريڪا لاڳاپا بهتر ٿيندا.










