پي ٽي آءِ اڳواڻ جليل شرقپوري به پارٽي کي الوداع چئي ڇڏيو

پي ٽي آءِ اڳواڻ جليل شرقپوري به پارٽي کي الوداع چئي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جليل شرقپوري به پارٽي کي الوداع چئي ڇڏيو.پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ جليل شرقپوري چيو ته مان پاڪ فوج سان گڏ آهيان، پي ٽي آءِ جي پاليسين جي ڪري ان جو حصو نه ٿو بڻجي سگهان، اها پي ٽي آءِ جي پنهنجي نااهلي هئي جو اها پنهنجن دوستن کي مطمئن نه رکي سگهي، 9 مئي تي مون کي تمام گهڻو ڏک آهي. واقعي جو ذميوار عمران خان آهي.اڳوڻي ايم پي اي چيو ته عمران خان پاڪستان جي نوجوان نسل کي ڀڙڪايو، مان ڪنهن به سيٽ جو اميدوار ناهيان، منهنجي تڪ جي ٽڪيٽ ڏيڻ وقت مون سان به مشورو نه ڪيو ويو، مان هاڻي عمران خان سان گڏ نه ٿو وڃي سگهان.

پهنجو تبصرو موڪليو