پي ٽي آءِ اڳواڻن جي عبوري ضمانت ۾ 8 سيپٽمبر تائين واڌ

پي ٽي آءِ اڳواڻن جي عبوري ضمانت ۾ 8 سيپٽمبر تائين واڌ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن جي عبوري ضمانت ۾ 8 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.انسداد دهشتگردي جي جج طاهر عباس سپرا 26 نومبر تي ۽ سپريم ڪورٽ جي ٻاهران احتجاج جي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت 230 پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي عبوري ضمانت ۾ 8 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. انهن ۾ بئريسٽر گوهر خان، بشرا بي بي، سلمان اڪرم راجا، عمر ايوب ۽ شبلي فراز ۽ ٻيا شامل آهن.عدالت ڪيترن ئي اڳواڻن جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواستون پڻ منظور ڪري ورتيون.بئريسٽر گوهر، زرتاج گل، عمير نيازي ۽ لطيف کوسا ذاتي طور تي پيش ٿيا.پي ٽي آءِ جي طرفان وڪيل رياست علي، علي بخاري ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.ياد رهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف مارگلا، رمنا، ڪوهسار ۽ ٻين پوليس اسٽيشنن سميت پوليس اسٽيشنن ۾ 19 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو