پي ٽي آءِ اڳواڻن جا ويجها مائٽ ڪي پي ڪابينه ۾ شامل

پي ٽي آءِ اڳواڻن جا ويجها مائٽ ڪي پي ڪابينه ۾ شامل

پشاور: (ن س) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻن جا ويجها مائٽ خيبرپختونخواهه ڪابينه جو حصو بنجڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن.پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ عمر ايوب جو سئوٽ ارشد ايوب صوبائي ڪابينه ۾ شامل ٿي ويو جڏهن ته صوبائي وزير عاقب الله پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ اسد قيصر جو ننڍو ڀاءُ آهي.اهڙي طرح شهرام ترڪئي جو ننڍو ڀاءُ فيصل ترڪئي به صوبائي ڪابينه ۾ جڳهه ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جڏهن ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي وفاقي وزير نورالحق قادري جو ڀائٽيو عدنان قادري به پختونخواهه ڪابينه جو حصو بڻجي ويو آهي.پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ شير افضل مروت جو ننڍو ڀاءُ خالد لطيف وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو خاص مددگار بنجڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.ڪراچي سان تعلق رکندڙ مزمل اسلم کي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙي معاملي تي نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي خيبرپختونخواهه جي وزير ظاهر شاهه طورو چيو ته صوبائي ڪابينه ۾ ميرٽ جي بنياد تي ميمبرن کي شامل ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ باني جي منظوري کان پوءِ ڪابينه ۾ وزيرن کي شامل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو