اسلام آباد (بيورو)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبر قومي اسيمبلي شڪور شاد جي استعيفيٰ منظور ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ ايم اين اي شڪور شاد جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.شڪور شاد جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سندس موکل استعيفيٰ ناهي ڏني، پارٽي هيڊ آفيس ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر ٽائپ ڪري 123 استعيفيٰ موڪليا، 11 استعيفائون قومي اسيمبلي جي اسپيڪر منظور ڪيون.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ ايم اين اي شڪور شاد جي استعيفيٰ منظور ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪندي کيس اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت پي ٽي آءِ ايم اين اي جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪندي 2 هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو.










