پي ايس ايل 6 جي افتتاحي تقريب ترڪي ۾ منعقد

انقره (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ يعني پي ايس ايل جي ڇهين ايڊيشن جي افتتاحي تقريب جي رڪارڊنگ ترڪي ۾ ڪئي ويندي. 20 فيبروري کان شروع ٿيندڙ پي ايس ايل جي ميچز دوارن ڪورونا سبب محدود پيماني تي تماشائين کي ميچ ڏسڻ جي سهولت ملندي ۽ تقريب لائيو بدران رڪارڊ ڪري پيش ڪئي ويندي. پهريون ميچ ڪراچي اسٽيڊيم ۾ دفاعي چيمپئن ڪراچي ڪنگز ڪوئٽا گليڊيئٽرز وچ ۾ کيڏيو ويندو. پي سي بي جي چيف ايگزيڪيٽو وسيم خان موجب تقريب جو ٿورو حصو ڪوئٽا ۾ به رڪارڊ ٿيو آهي ۽ گهڻو حصو ترڪي ۾ رڪارڊ ٿيندو. پي ايس ايل جي نئين تڪراري بڻيل تراني جي رڪارڊنگ لاءِ نصيبو لال، آئمه بيگ ۽ ٻيا ترڪي پهچي ويا آهن. وسيم خان موجب پاڪستان اعليٰ پائي جا ٽيڪنيشن نه هجڻ ڪري ترڪي ۾ رڪارڊنگ جو فيصلو ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو