پي ايس ايل ۾ ڪروڙن جي ڪرپشن، رپورٽ طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان سپر ليگ جي سيزن ون ۽ ٽو ۾ اربين روپين جي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي رانا تنوير حسين جي صدارت هيٺ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي)  ۽ سپر ليگ جي مختلف معاملن جو جائزو ورتو ويو. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) 1 ۽ 2 جي خصوصي آڊٽ  رپورٽ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ پي ايس ايل 1 ۽ 2 ۾ 2 ارب 77 ڪروڙ روپين جي مالي بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو. آڊٽ رپورٽ موجب پي ايس ايل ۾ 3 ٽيمن کي فرنچائز اسلام آباد يونائيٽيڊ، پشاور زلمي ۽ ڪوئٽه جي گهٽ قيمت تي نيلامي ڪئي وئي جنهن سبب  پي سي بي کي 11 لک ڊالرن جو ساليانو نقصان ٿيو. اجلاس ۾ چيئرمين پي سي بي احسان ماني  چيو ته مان آڊٽ رپورٽ ۾ ذاتي طور تي دلچسپي ناهي ورتي پر ان جي سربراهي ڪندو آهيان. اداري جي هر معاملي ۾ مداخلت ناهيان ڪندو. اُن وقت حالتون مشڪل هيون ۽ پي ايس ايل جو منعقد ٿيڻ ضروري هو، پي سي بي تي پيپرا قانون لاڳو ناهن ٿيندا. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين رانا تنوير حسين پي سي بي چيئرمين احسان ماني جي جواب تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس ڇنڊ پٽي ۽ چيو ته اوهان اداري جا ذميوار ماڻهو آهيون. غير ذميواري جون ڳالهيون نه ڪريو. سيڪريٽري آءِ پي سي ڪرڪيٽ بورڊ وارن کي گهرائي سمجهايو ته نظام ڪيئن هلندو آهي. رانا تنوير وڌيڪ چيو ته چيئرمين پي سي بي اداري جو سربراهه آهي. هڪ هڪ روپئي جو حساب ڏيڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو