ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ۾ بين الاقوامي ڪرڪيٽ جي بحالي جي ڪوششن ۾ واٽر بورڊ پاران پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان گڏ بيهڻ واري عمل کي ساراهيون ٿا ڇاڪاڻ تہ پاڪستان سپر ليگ 2023 جي ايونٽ کي ڪامياب بڻائڻ ۾ واٽر بورڊ انتظاميا جو وڏو ڪردار آهي ۽ ان حوالي سان واٽر بورڊ پاران پي ايس ايل دوران نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي بھتري لاءِ تمام سٺا اپاءَ ورتا ويا، اهڙن خيالن جو اظهار جي ايم نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي پي سي بي ارشد خان پاران سي اي او / ايم ڊي واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد جي نالي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ ڪيو، هن سي اي او واٽر بورڊ سميت سموري انتظاميا جا ٿورا مڃيندي چيو تہ انچارج هائيڊرنٽس سيل الاهي بخش ڀٽو، فوڪل پرسن سي اي او واٽر بورڊ براء پي ايس ايل 2023 شهباز بشير، ايگزيڪيوٽو انجنيئر ورڪشاپ ڊويزن شفقت حسين مڱڻ، ايگزيڪيوٽو انجنيئر سيوريج گلشن اقبال وقار احمد سميت واٽر بورڊ جي ٻين اختيارين پاران پي سي بي سان ڀرپور تعاون ڪيو، هن چيو پي ايس ايل کي نہ صرف شاندار ڪاميابي پر هڪ ناقابل فراموش ۽ ھڪ يادگار ايونٽ بڻائڻ ۾ واٽر بورڊ پاران پي سي بي سان مڪمل تعاون ڪيو انڪري اسين واٽر بورڊ پاران ڀرپور تعاون ڪرڻ جو اعتراف ڪندي سموري انتظاميا جا ٿورائتا آهيون، هن واٽر بورڊ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي وڌيڪ چيو اسان کي پوري اميد آهي تہ اهيا ڀائيواري مستقبل ۾ بہ جاري رهندي، ان موقعي تي ترجمان واٽر بورڊ عبدالقادر شيخ جو چوڻ هو تہ سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد جي خاص هدايتن تي واٽر بورڊ انتظاميا پاران پي ايس ايل دوران نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ مفت پاڻي جا ٽينڪرز بروقت فراهم ڪيا ويا جڏهن تہ پي ايس ايل دوران اسٽيڊيم اندر پاڻي جا ٽينڪرز، جيٽنگ، سيڪشن ۽ راڊنگ مشينون پڻ موجود ھيون ان کان علاوه واٽر بورڊ عملو ڪنهن بہ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اسٽيڊيم ۾ موجود ھو تہ جيئن ڪنهن بہ قسم جي شڪايتن کي فوري طور تي ختم ڪري سگهجي ۽ ڪنهن بہ هنگامي صورتحال تي فوري طور ضابطو آڻي سگهجي.










