اسلام آباد پاران ڪراچي ڪنگز کي هڪ رن تان شڪت

اسلام آباد پاران ڪراچي ڪنگز کي هڪ رن تان شڪت

لاهور(ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل جو 21 هون ميچ اڄ ڪراچي ڪنگز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۾ کيڏيو ويو. ڪراچي ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. اسلام آباد 20 اوورز م 7 وڪيٽن جي نقصان تي 191 رنز ٺاهيون. اسلام آباد ڪراچي کي هڪ رن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

اسلام آباد جو ڪو به پليئر وڏو اسڪور ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، ڪراچي پهرين اوور ۾ رحمان الله گرباز جي وڪيٽ وٺي بريڪ ٿرو ڪيو. جنهن 5 بالن تي 12 رنز ٺاهيون ته عماد وسيم جي بال تري بابراعظم هٿان ڪيچ ٿيو. ايلڪس هيلز به 19 بالن تي 25 رنز ٺاهي ڪيچ ٿيو، اميد آصف جي بال تي بابر سندس ڪيچ پڪڙيو.شاداب خان 34 رنز ٺاهي عماد جي بال تي بولڊ ٿيو، ليم ڊاسن 15 ۽ اعظم خان 22، آصف علي 28 رنز ٺاهيون.فهيم اشرف 29 ۽ حسن علي 12 تي ناٽ آئوٽ رهيا. ياد رهي ته ڪراچي 6 ميچ کيڏيا آهن ۽ سڀ هارائي چڪي آهي ۽ بقايا 4 ميچ کٽڻ جي باوجود به پلي آف مرحلي مان آئوٽ ٿي چڪي آهي. مسلسل 6 ميچ هارائڻ واري پي ايس ايل جي هي واحد ٽيم آهي. پوائنٽ تيبل تي ملتان ٽاپ تي آهي جنهن 7 ميچن مان 6 کٽيا آهن ۽ هڪ لاهور هٿان هارائي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو