پي آئي اي سي ايل  جو انتظامي ڪنٽرول خريدار ڪنسورشيم جي حوالي

پي آئي اي سي ايل جو انتظامي ڪنٽرول خريدار ڪنسورشيم جي حوالي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پي آئي اي سي ايل (PIACL) جو انتظامي ڪنٽرول خريدار ڪنسورشيم جي حوالي ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب، پاڪستان جي نجڪاري ڪميشن پي آئي اي جي نجڪاريءَ جي سلسلي ۾ پهرين فنانشل ڪلوزنگ مڪمل ڪري ورتي، جنهن کانپوءِ انتظامي ڪنٽرول منتقل ڪيو ويو.نجڪاري ڪميشن تفصيل ٻڌائيندي چيو ته 29 جنوري 2026 تي ٿيندڙ شيئرز جي خريداري معاهدي جون سموريون شرطون غير معمولي طور تي گهٽ مدت ۾ مڪمل ڪيون ويون آهن، جنهن کانپوءِ پي آئي اي سي ايل جو انتظامي اختيار باضابطه طور خريدار ڪنسورشيم ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. ڪميشن جو چوڻ آهي ته خريدار ڪنسورشيم هينئر تائين پاڪستان حڪومت کي 10 ارب رپيا ادا ڪري چڪو آهي، جڏهن ته پي آئي اي ۾ 80 ارب رپين جي نئين سيڙپڪاري (سرمائيڪاري) پڻ ڪئي وئي آهي. نجڪاري ڪميشن جو چوڻ هو ته ايندڙ هڪ سال دوران ٻي فنانشل ڪلوزنگ تائين ڪنسورشيم وڌيڪ 45 ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪندو، ان کان علاوه باقي 25 سيڪڙو حصص (شيئرز) خريد ڪرڻ جي صورت ۾ پاڪستان حڪومت کي وڌيڪ 45 ارب رپين جي ادائيگي به ڪئي ويندي. ٻئي طرف، نجڪاري ڪميشن ٻڌايو ته خريدار ڪنسورشيم باقي 25 سيڪڙو شيئرز خريد ڪرڻ جو تحريري اشارو (عنديو) پڻ ڏئي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو