ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قومي ايئر لائن پي آءِ اي واضح ڪيو آهي ته هو ڪراچي کان پنهنجو هيڊ آفيس منتقل نه ڪندو.پي آءِ اي انتظاميا طرفان اسٽاڪ ايڪسچينج کي لکيل وضاحتي خط ۾ چيو ويو آهي ته هيڊ آفيس کي ڪراچي کان منتقل نه ڪيو پيو وڃي.پي آءِ اي انتظاميا خط ۾ چيو ته مالي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون ۽ قومي ايئر لائن کي منافعي بخش بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون.خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سڌارن جي عمل هيٺ اهم فيصلا ڪيا پيا وڃن اسٽاڪ ايڪسچينج کي وقت بوقت فيصلن بابت آگاهي ڏني ويندي ۽ سمورن قاعدن جي پاسداري ڪئي ويندي.










