ڪراچي(اسٽاف رپورٽر): قومي ايئرلائن (پي آءِ اي) جي اپريشنل ۽ تخنيقي مسئلن سبب پاڪستان کان سعودي عرب ويندڙ ۽ اتان موٽندڙ 6 اڏامون 18 ڪلاڪن تائين دير جو شڪار ٿي ويون آهن، جنهن سبب پرڏيهه ويندڙ مسافرن کي شديد مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.ذريعن موجب مدينه ۽ جدهه ايئرپورٽن تي مسافر ڪلاڪن کان خوار ٿي رهيا آهن. اسلام آباد کان مدينہ ويندڙ فلائيٽ ساڍا 17 ڪلاڪ دير جو شڪار ٿي. اهڙي طرح لاهور ۽ ملتان کان جدہ توڙي مدينہ ويندڙ اڏامون به 18 ڪلاڪن تائين ليٽ ٿيون آهن.مدينه کان لاهور ايندڙ پرواز جيڪا اڄ ڏينهن جو ٻپهرين 2 بجي پهچڻي هئي، هاڻي سڀاڻي صبح جو 8 بجي پهچڻ جي توقع آهي. مسافرن پاران ايئرلائن انتظاميا کان فوري طور تي متبادل انتظام ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.










