ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي عدالت تحريڪ انصاف جي اطلاعات سيڪريٽري فوزيه صديقي کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جوابدار فوزيه صديقي کي جڊيشل مئجسٽريٽ ايسٽ ڪراچي جي عدالت ۾ پيش ڪيو.عدالت پي اي سي اي ايڪٽ تحت داخل ڪيس ۾ نامزد جوابدار فوزيه صديقي کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.عدالت ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر ۽ ٻين کي 24 مارچ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.ٻئي طرف، ملزم جي وڪيل ضمانت جي درخواست داخل ڪئي.عدالت ايف آءِ اي کي ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ مڪمل ڪري چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.










