ٽنڊوڄام (ن ھلچل) سينئير صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي تڪ ۾ ڏھ لک کان مٿي پيور بلاڪ ورهائڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي، سينئير صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي تڪ پي ايس 63 ۾ نوجوان پ پ اڳواڻ راول شرجيل ميمڻ طرفان ڏھ لک کان مٿي پيور بلاڪ ڏيڻ جو آغاز ڪيو ويو، انهي موقعي تي راول شرجيل ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي پيپلز پارٽي عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي، هن چيو ته سينئير وزير شرجيل انعام ميمڻ جو تڪ سڄي سنڌ ۾ مثالي تڪ رهيو آهي جتي گذريل پندرهن سالن ۾ مثالي ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن، پي ايس 61 ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو ويو آهي، تڪ ۾ نوجوانن کي نوڪريون، پيور بلاڪ اسڪيمون، سيوريج، روڊ، ڊسپينسريون، پيپلز هائوسنگ اسڪيم تحت گهر ۽ ٻيون بنيادي سهولتون ڏنيون ويون آهن، تڪ ۾ ماڊل وليج بهاول زئنور جو پڻ قيام آندو ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته اڄ به ٻين مرحلي مختلف يوسيز ۾ ڏھ لک کان مٿي پيور بلاڪ ورهايا پيا وڃن، جتي جتي ضرورت هوندي اتي پيور بلاڪ لڳايا ويندا، هن ٻوڏ جي صورتحال جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته وزير اعلیٰ سنڌ جون ڪوششون ساراھ جوڳيون آهن جڏهن به ملڪ ۾ ڏکي صورتحال آئي آهي ته پيپلز جي اعلیٰ قيادت کان وٺي ڪائونسلر تائين وڌي چڙهي حصو ورتو آهي، ٻوڏ واري صورتحال کي به سٺي نموني منهن ڏنو ويندو










