ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ پنهنجي آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي جمهوري قدرن ۽ ڳالهين جي حامي آهي ادارن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ هجڻ گهرجي پر بهتر هم آهنگي ۽ ڪم ڪندڙ لاڳاپا هجن،پاڪستان جي معاشي صورتحال ۾ هم آهنگي ۽ اتحاد جي ضرورت آهي37 وڏين اسپتالن کي سولر ڪيو ويو آهي.سنڌ حڪومت ڪراچي پريس ڪلب جي عمارت کي به سولر ڪري ڇڏيو آهي.صدر زرداري جون هدايتون آهن ته سنڌ مان لوڊشيڊنگ جي مڪمل خاتمي لاءِ رٿابندي ڪئي وڃي.اينگرو جو 400 ميگاواٽ جو سولر ونڊ منصوبو سڀاڻي ڪابينا ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو سنڌ ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني به اسان جي بجلي جي ٽرانسميشن جا انتظام ڪري رهي آهي.پاڪستان ۾ سڀ کان سستي بجلي ٿر پاور پلانٽ مان ملي ٿي.هن وقت سنڌ ۾ 10 هزار کان 12 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي.ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته بجلي جي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي اجارداري ختم ڪرڻ لاءِ نيون ڪمپنيون سامهون اچن.حيسڪو، سيپڪو کي سنڌ جي ماتحت ڪرڻ واري معاملي تي به ڪم جاري آهي.سنڌ حڪومت حيسڪو، سيپڪو وٺڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي.وفاقي حڪومت کي حيسڪو، سيپڪو حوالي ڪرڻ تي ڪو به اعتراض ناهي.توانائي منصوبن جي حوالي سان سنڌ سڀ کان اڳتي آهي.سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي ٺاهڻ تي به ڪم تيزي سان جاري آهي.ڪاروبار کان ڪاروباري منصوبن تي اڳڀرائي سان سنڌ جي توانائي منصوبن کي تيز ڪيو ويندو.شهرن ۾ سولرائيزيشن لاءِ شهري ضرورتن جي حوالي سان نيون ڊيزائنون پڻ ٺاهڻيون پونديون. گيس جي فراهمي لاءِ ايم ڊي سوئي سدرن گيس سان ڳالهيون جاري آهن.غير قانوني گئس بلن جون شڪايتون حل ڪرڻ لاءِ گيس ڪمپني سان ڳالهائينداسين.سنڌ حڪومت گئس ڪمپني پاڻ هلائڻ لاءِ تيار آهي.نيشنل گرڊ جي فاصلي جي ڪري لائين لاسز تمام گهڻا آهن.










