ڪراچي (رپورٽر) پي ٽي آئي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو ته پيپلزپارٽي جي سياست جو جنازو نڪري چڪو آهي جڏهن آئيني ادارا غيرآئيني قدمن تي لهي اچن ته عوام کي ٻاهر نڪرڻو پوي ٿو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي حليم عادل شِخ چيو ته اليڪشن ڪميشن اوهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته سپريم ڪورٽ جو لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ بابت فيصلو اچي چڪو آهي 2013 جي ايڪٽ جون 21 شقون ختم ٿيڻ گهرجن هن چيو ته رات ۾ نه ته ڏينهن ۾ عدالت ئي کلي وڃي سڀاڻي صبح کان اليڪشن ڪميشن جي آفيس آڏو احتجاج ڪنداسين پي ٽِ آئي اڳواڻ چيو ته سنڌ اسيمبلي کي گهر جي نوڪرياڻي بڻايو ويو آهي. مهاجرن جي هٿ ٺوڪي بروڪري شروع ڪري ڇڏي آهي هتي اسان بيٺا آهيون ڪٿي آهي ايم ڪيوا يم، حليم عادل شيخ چيو ته ڪالهه به ملندڙ ڊالرز سان افطاري ڪرائي وئي چيف اليڪشن ڪمشنر تڪراري ٿي چڪو آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ اڻ پسنديده شخصيت قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي سياست جو جنازو نڪري چڪو آهي مان اعليٰ عدليه کي چوان ٿو ته 150 چورن کي اي سي ايل مان آزاد ڪيو پيو وڃي حليم عادل شيخ چيو ته تماشو لڳل آهي رانا ثناءُالله ئي رانا ثناءُالله جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي رهيو آهي چيف صاحب هڪ سوموٽو ورتو وڃي.










