پيٽرول  3.66 ۽ ڊيزل 4.80 رپيا مهانگو، نوٽيفڪيشن جاري

پيٽرول 3.66 ۽ ڊيزل 4.80 رپيا مهانگو، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ ) حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. حڪومت جي اعلان موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 3.66 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، واڌ کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 335.18 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي. اهڙي طرح هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 4.80 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 383.46 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. پيٽروليم ڊويزن موجب، پيٽرول ۽ ڊيزل جون نيون قيمتون اوگرا پاران مقرر ڪيون ويون آهن، جيڪي اڄ رات 12 وڳي کان سڀاڻي رات 12 وڳي تائين لاڳو هونديون. ياد رهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازي واڌ سان ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۽ کاڌي پيتي جي شين سميت ٻين ضروري شين جي قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ جو خدشو پيدا ٿي رهيو آهي، جنهن سان عوام تي مهانگائي جو بار وڌيڪ وڌڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو