اسلام آباد (بيورو رپورٽ): حڪومت پاران ايندڙ مدت لاءِ پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو باقاعده اعلان ڪيو ويو آهي. پيٽروليم ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 1 روپيو 70 پئسا في ليٽر گھٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن بعد پيٽرول جي نئين قيمت 325 روپيا 92 پئسا في ليٽر مقرر ٿي وئي آهي.ٻئي طرف هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 1 روپيو 39 پئسا اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن بعد ڊيزل جي نئين قيمت 382 روپيا 25 پئسا في ليٽر تائين پهچي وئي آهي. نئين قيمتن تي عملدرآمد فوري طور تي شروع ٿي ويو آهي.










