پيٽرول ۽ ڊيزل 4 رپيا مهانگو، نئين قيمتن جو اعلان

پيٽرول ۽ ڊيزل 4 رپيا مهانگو، نئين قيمتن جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزارت هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي.ناڻي واري وزارت جي نوٽيفڪيشن موجب، ڊيزل جي قيمت ۾ 4.4 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي. هن واڌ کان پوءِ، ڊيزل جي نئين قيمت 276.81 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب، پيٽرول جي قيمت ۾ 4.7 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، نئين قيمت 268.68 رپيا في ليٽر هوندي.نوٽيفڪيشن موجب، نوان اگهه رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو