اسلام آباد (بيورو رپورٽ)آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) گاسليٽ جي قيمت ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.نوٽيفڪيشن موجب گاسليٽ ۾ 8.20 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته گاسليٽ جي نئين قيمت 188.73 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، قيمت ۾ واڌ اڄ کان لاڳو ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب، اڳ ۾ گاسليٽ جي قيمت 180.53 رپيا في ليٽر هئي.










