اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن بابت سرڪاري انگ اکرن نئون انڪشاف ڪيو آهي، جنهن موجب پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل عوام کي انهن جي بنيادي لاڳت کان 100 رپين کان وڌيڪ اضافي قيمت تي وڪرو ڪيا پيا وڃن. پيٽرول تي 125 رپين کان وڌيڪ ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 112 رپين کان وڌيڪ ليوي، ٽيڪسن ۽ مختلف مارجنز جي مد ۾ وصول ڪيا پيا وڃن.سرڪاري دستاويزن موجب، هڪ ليٽر پيٽرول جي بنيادي لاڳت 209 رپيا 76 پئسا آهي، جڏهن ته حڪومت ان جي سرڪاري قيمت 335 رپيا 18 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي آهي. اهڙي طرح پيٽرول تي مجموعي طور 125 رپيا 95 پئسا ليوي، ٽيڪسن ۽ مختلف مارجنز جي مد ۾ وصول ڪيا پيا وڃن. دستاويزن مطابق پيٽرول جي قيمت ۾ 80 رپيا پيٽروليم ليوي، 5 رپيا ڪلائميٽ سپورٽ ليوي، 17 رپيا 28 پئسا ڪسٽم ڊيوٽي، 7 رپيا 16 پئسا ان لينڊ فريٽ ايڪولائيزيشن مارجن، 7 رپيا 87 پئسا آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جو مارجن ۽ 8 رپيا 64 پئسا ڊيلرن جو مارجن شامل آهن. ساڳئي ريت هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي بنيادي لاڳت 270 رپيا 92 پئسا في ليٽر آهي، جڏهن ته حڪومت ان جي سرڪاري قيمت 383 رپيا 46 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي آهي. دستاويزن موجب، هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي مجموعي طور 112 رپيا 54 پئسا ليوي، ٽيڪسن ۽ مختلف مارجنز جي مد ۾ وصول ڪيا پيا وڃن، جن ۾ 70 رپيا 82 پئسا پيٽروليم ليوي، 5 رپيا ڪلائميٽ سپورٽ ليوي، 15 رپيا 68 پئسا ڪسٽم ڊيوٽي، 4 رپيا 53 پئسا ان لينڊ فريٽ ايڪولائيزيشن مارجن، 7 رپيا 87 پئسا آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جو مارجن ۽ 8 رپيا 64 پئسا ڊيلرن جو مارجن شامل آهن.










