اسلام آباد(بيورو رپورٽ)آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽرول ۽ ڊيزل جي کوٽ بابت افواهن کي رد ڪندي چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جو وڏو ذخيرو موجود آهي.اوگرا جي ترجمان عمران غزنوي جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جا ذخيرا آهن جن جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ترتيبوار 18 ۽ 37 ڏينهن جي ضرورت آهي.هن چيو ته 1 لک 1 هزار ميٽرڪ ٽن پيٽرول سان ڀريل جهاز برٿ تي آهن.ترجمان اهو به چيو ته مقامي ريفائنريز پيٽروليم شين جي طلب کي پورو ڪرڻ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.










