پيٽرول ۽ ڊيزل تي هلندڙ مهيني 118 ارب جو نقصان ٿيو: مفتاح

پيٽرول ۽ ڊيزل تي هلندڙ مهيني 118 ارب جو نقصان ٿيو: مفتاح

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته حڪومت کي رڳو هلندڙ مهيني پيٽرول ۽ ڊيزل جي مد ۾ 118 ارب رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي.هڪ بيان ۾ ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو ته عمران خان جو پلان هو ته بي اعتمادي نه هجي ته پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي ويندي.هن چيو ته عمران حڪومت ٻه اڍائي سالن ۾ ريئل اسٽيٽ کي معافي ڏني، اهو ڪٿي ٿو ٿئي؟ناڻي واري وزير چيو ته رڳو مئي ۾ حڪومت کي پيٽرول ۽ ڊيزل جي مد ۾ 118 ارب رپين جو نقصان ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو