اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پيٽروليم شين تي لاڳو پيٽروليم ليوِي جي شرح ۾ ڦيرڦار ڪري ڇڏي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق، پيٽرول تي پيٽروليم ليوِي ۾ 6 رپيا 22 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول تي ليوِي 70 رپيا 36 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.ٻئي طرف، هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي پيٽروليم ليوِي ۾ 6 رپيا 22 پئسا في ليٽر ڪمي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل تي ليوِي 70 رپيا 82 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن مطابق، مٽيءَ جي تيل تي پيٽروليم ليوِي 20 رپيا 36 پئسا في ليٽر برقرار رکي وئي آهي، جڏهن ته پيٽروليم شين تي 5 رپيا في ليٽر ڪاربن ليوِي پڻ اڳي وانگر برقرار رهندي.










