پيٽرول ۽ بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي قوم کي مبارڪ هجي، بلاول

پيٽرول ۽ بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي قوم کي مبارڪ هجي، بلاول

مورو(ن سنڌيار) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عوامي مارچ جي دٻاءَ سبب پيٽرول ۽ بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي آئي آهي. عمران خان گهٻرائجي ويو آهي ۽ سندس ٽنگون ڏڪڻ شروع ٿي ويون آهن. مورو کان سکر لاءِ روانگي وقت هن چيو ته هي يوٽرن خان اڳ ۾ چوندو هو ته دنيا ۾ تيل جي قيمت وڌي پئي تڏهن هو وڌائين ٿا پر اهو اسانجي لانگ مارچ جو دٻاءُ آهي ته هو قيمت گهٽائي رهيو آهي هن هڪ ٻيو يوٽرن ورتو آهي.

مورو ۾ صبح کان ئي آس پاس جي نڍن وڏن شهرن کان جيالن جا قافلا مورو پڇچڻ شروع ٿي ويا هئا. زنده هي بي بي زندهه هي جي نعرن سان لانگ مارچ پنهنجي اڳلي منزل سکر لاءِ روانو ٿيو. لانگ مارچ ۾ آصفه ڀٽو جي شرڪت سبب هڪ نئون جوش نظر اچي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو