پيٽرول مهانگو ، گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل سستو

پيٽرول مهانگو ، گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل سستو

اسلام آباد(بيورو)حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي. ناڻي واري وزارت موجب پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو 45 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي.ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته ڊيزل جي قيمت ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي، گاسليٽ جي قيمت ۾ 8 رپيا 30 پئسا في ليٽر جڏهن ته لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 4 رپيا 26 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.ناڻي واري وزارت موجب پيٽرول جي نئين قيمت ۾ 237 رپيا 43 پيسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت 245 رپيا 43 پيسا في ليٽر ۽ گاسليٽ جي قيمت 202 رپيا 2 پيسا في ليٽر ٿي وئي آهي.ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته لائٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 197 رپيا 28 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.ناڻي واري وزارت موجب نوان اگهه اڄ کان لاڳو ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو