پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ، ڊيزل سستو ٿي ويو

پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ، ڊيزل سستو ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پاران پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ گھٽتائيءَ جو اعلان ڪيو ويو آهي.پيٽروليم ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 روپيا في ليٽر گھٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن بعد ڊيزل جي نئين قيمت 385 روپيا 86 پئسا في ليٽر مقرر ٿي وئي آهي. جڏهن ته پيٽرول جي قيمت ۾ 4 روپيا 45 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 333 روپيا 01 پئسو في ليٽر ٿي وئي آهي.پيٽروليم ڊويزن موجب پيٽرول ۽ ڊيزل جي نئين قيمتن جو تعين اوگرا پاران ڪيو ويو آهي جيڪي لاڳو ٿي چڪيون آهن. ياد رهي ته گذريل ڏينهن حڪومت پاران پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گھٽتائي ڪئي وئي هئي، پر عالمي مارڪيٽ ۽ ملڪي مالياتي عوامل کي مدنظر رکندي قيمتن ۾ ٻيهر ردوبدل ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو