پيٽرول تي 80 رپيا ۽ ڊيزل تي 70 رپيا 82 پئسا في ليٽر ليوي برقرار

پيٽرول تي 80 رپيا ۽ ڊيزل تي 70 رپيا 82 پئسا في ليٽر ليوي برقرار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيٽروليم ڊويزن پيٽرول، ڊيزل ۽ مٽيءَ جي تيل تي ليوي برقرار رکڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول تي 80 رپيا ۽ ڊيزل تي 70 رپيا 82 پئسا في ليٽر ليوي برقرار آهي. ان کان علاوه مٽيءَ جي تيل تي به 20 رپيا 36 پئسا ليوي برقرار رکي وئي آهي. واضح رهي ته حڪومت 3 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو هو. پيٽروليم ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي قيمت ۾ 31 رپيا 5 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 354 رپيا 35 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.پيٽرول جي قيمت ۾ به 5 رپيا 44 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 316 رپيا 15 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي. ياد رهي ته حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن جو تعين روزاني جي بنياد تي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو