ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيٽروليم ڊيلرز ايسوسي ايشن پاران هڙتال جي اعلان سبب ڪراچي جي اڪثر پيٽرول پمپن تي رش آهي ۽ ڪيترائي بند رهيا.پيٽروليم ڊيلرز پاران هڙتال جي اعلان کانپوءِ لاهور ۾ پيٽرول پمپ کليل آهن ۽ پيٽرول جي فراهمي جاري آهي.پيٽروليم ڊويزن ۽ اوگرا چيو آهي ته اڄ سڄي ملڪ ۾ پيٽرول پمپ معمول موجب کليل رهندا جڏهن ته آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي پمپ کليل رکن ۽ سپلائي يقيني بڻائين.پيٽروليم ڊيلرز ايسوسي ايشن پنجاب چيو آهي ته حڪومت سان ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون، هو اڄ هڙتال نه ڪندا.










