پيٽروليم شين ۾ واڌ کان پوءِ انٽر سٽي بس جي ڀاڙن ۾ به واڌ

پيٽروليم شين ۾ واڌ کان پوءِ انٽر سٽي بس جي ڀاڙن ۾ به واڌ

لاهور)ويب ڊيسڪ) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.لاهور کان راولپنڊي تائين ايگزيڪيوٽو جو ڀاڙو 2250 رپين کان وڌي 2480 رپيا ٿي ويو آهي، جڏهن ته لاهور کان راولپنڊي تائين ايگزيڪيوٽو پلس جو ڀاڙو 3350 رپين کان وڌي 3680 رپيا ٿي ويو آهي.لاهور کان ڪراچي جو ڀاڙو 3000 رپين کان وڌي 13200 رپيا ٿي ويو آهي، جڏهن ته لاهور کان مري جو ڀاڙو 3100 رپين کان وڌي 3720 رپيا ٿي ويو آهي اهڙي طرح لاهور کان صادق آباد جو ڀاڙو 700 رپين کان وڌي 4200 رپيا ٿي ويو آهي، جڏهن ته لاهور کان ملتان جو نئون ڀاڙو 3150 رپين کان وڌي 3750 رپيا ٿي ويو آهي.لاهور کان سيالڪوٽ جو نئون ڀاڙو 1800 رپين کان وڌي 2150 رپيا ٿي ويو آهي، جڏهن ته لاهور کان پاڪپتن جو ڀاڙو 350 رپين کان وڌي 1750 رپيا ٿي ويو آهي. لاهور کان سرگوڌا جو نئون ڀاڙو 350 رپين کان وڌي 2000 رپيا ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو