ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پيٽروليم شين جي قيمت طئي ڪرڻ واري طريقيڪار خلاف درخواست کي ٻڌڻ جوڳو نه قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو. پيٽروليم شين جي قيمت طئي ڪرڻ واري طريقيڪار خلاف ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي. آئيني بينچ درخواست کي ٻڌڻ جوڳو نه قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته پيٽروليم قيمتن ۽ ٽيڪسن جو تعين ڪرڻ حڪومت ۽ پارليامينٽ جو اختيار آهي. عدالت چيو ته معاشي ۽ مالياتي پاليسين کي ترتيب ڏيڻ حڪومت جو ڪم آهي، درخواست گذار بنيادي حق جي ڀڃڪڙي ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، رڳو پيٽروليم قيمتن تي عدم اطمينان آئيني درخواست جو جواز نٿو بڻجي سگهي.










