اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي نقش قدم تي هلڻ تي مجبور ٿي ويو، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي سمري کي رد ڪري ڇڏي سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب هڪ بيان ۾ چيو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي سمري رد ڪئي وئي آهي مريم اورنگزيب عمران خان جي حڪومت تي الزام مڙهيندي چيو ته گذريل حڪومت جي نااهلي ۽ غلطين جي سزا عوام کي نٿي ڏئي سگهجي، مهانگائي جو ستايل عوام تي وڌيڪ بار نٿا وجهي سگهون










