پيسا خرچ ڪري حڪومت بچائڻ تي لعنت ڪريان ٿو

پيسا خرچ ڪري حڪومت بچائڻ تي لعنت ڪريان ٿو

درگئي(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم عمران خان وفاداري مٽائيندڙ  پارٽي ميمبرن کي حڪومت ۾ واپس اچڻ جي آڇ ڪندي چيو آهي ته واپس اچو اوهان کي معاف ڪريان ٿو، ڪابه ڪاروائي نه ڪندس. عوام جا پئسا ميمبرن تي خرچ ڪري حڪومت بچائڻ کان بهتر آهي ته منهنجي حڪومت هلي وڃي. مان باغي ميمبرن کي پيسا ڏئي ۽ رشوت ڏئي حڪومت بچائڻ تي لعنت ڪريا ٿو. خيبرپختونخواهه جي ضلعي مالاڪنڊ جي علائقي درگئي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ٽن اسٽوجز، سندس بقول ٽن غلامن سازش ڪئي ۽ پرڏيهي آقائن کي منٿون ڪيون، سندن بوٽ پالش ڪري چيو ته عمران خان اوهانجا ڪم نه ڪندو، اسين اوهانجا پراڻا غلام آهيون اسين سڀ ڪجهه ڪنداسين. اسانکي حڪومت ڪرڻ جو موقعو ڏيو، اسان توهان جي پيروي ڪنداسين.

PM addressing a public rally in Dargai, KPK

وزيراعظم چيو ته مان يقين سان چوان ٿو ته هي غلام هارائي ويندا ۽ هن سياسي لڙائي ۾ مان ڪامياب ٿيندس. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ فيصلو ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بدنام ڊاڪو پاڪستان تحريڪ انصاف جي ايم اين ايز کي خريد ڪري رهيا آهن، هن منحرف ڪارڪنن کي چيو ته اوهان لوٽا نه پيا ٿيو پر قوم اوهانکي ضمير فروش سڏيندي. سوشل ميڊيا جو زمانو آهي اوهان جي سماجي زندگي مشڪل ٿي ويندي، ڪنهن شادي ۾ نه وڃي سگهندا، اوهانجي بارن سان ڪو شادي نه ڪندو. پي ٽي آءِ جي منحرف ميمبرن کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پارٽي جو سربراهه پيءُ جيان هوندو آهي. اوهان واپس اچو، اوهانکي معاف ڪريان ٿو ڪا به ڪاروائي نه ڪندس. وزيراعظم چيو ته اسانجي حڪومت رڪارد ايڪسپورٽ ڪيا، رڪارد ٽيڪس وصول ڪئي، نوجوانن لاءِ آءِ ٽي ۾ موقعا پيدا ڪيا، ڪنسٽرڪشن ۾ بوم آندو، مان هاڻي ٽوئرازم کي نمبر ون انڊسٽري بنائيندس.

پهنجو تبصرو موڪليو