ٽنڊو غلام حيدر ( ن سنڌيار) ٽنڊو غلام حيدر ڀرسان پير زمان شاھ جيلاني جي مين پرائمري اسڪول بلڊنگ زبون حال بڻيل شاگردن پاران احتجاجي مظاهرو گذريل 20 سالن کان اسڪولي عمارت زبون حالي سبب کنڊر بڻيل آهي اسڪول ۾ 50 شاگرد رجسٽرڊ هئڻ تعليم پرائڻ باوجود ڪافي شاگردن اسڪول جي زبون حالي جي ڪري ڊپ ۽ خوف خاطر اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو باقي شاگرد به مايوسي جي ور چڙھيل جڏهن ته اسڪول ۾ موجوده ڊيوٽي تي مقرر استاد جو چوڻ آهي ته آئون مسلسل 10 سالن کان ٻارڙن کي پڙهائي رهيو آهيان ۽ پنهنجي وس آهر ڪجھ سال پهرين اسڪول جي مرمت به ڪرائي پر هاڻي بلڊنگ مڪمل ناڪاره ٿي چڪي آهي ڪابه بنيادي سهولت ناهي رهي 50 شاگرد رجسٽرڊ آهن پر اسڪولي عمارت کنڊر ھجڻ ڪري ڪافي ٻارڙن اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو آهي استاد جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪجه مهينا پهرين اسڪول جو هڪ ڪمرو ديوارن سميت ڌماڪي سان ڊهي پٽ پيو پر سمورا شاگرد معجزاڻي طور محفوظ رهيا پر هن وقت اسڪول کي مرمت جي اشد ضرورت آهي وس وارن اعلي اختيارين کي گهرجي ته معاملي جو ترت نوٽيس وٺي اسڪولي عمارت جي نئين سر مرمت ڪرائي ڏني وڃي ته جيئن شاگردن مان وڌندڙ بيچيني ختم ٿي سگهي ۽ سندن مستقبل داء تي لڳڻ کان بچي سگهي










