نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ)خيرپور واسين پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙو دربدري واري زندگي گھارڻ تي مجبور ناري ۽ نوجوان تحفظ جي لاء ويڊيو لنڪ زريعي ڀرياسٽي جي صحافين کي ٻڌايو تــ اسان حيدرآباد جي ڪورٽ ۾ پسند جي شادي ڪئي آھي منھنجا مائٽ اسان ٻنھي کي مارڻ چاھين ٿا تحفظ فراھم ڪيو وڃي _پيار جو پرڻو ڪندڙ شھربانو شيخ ۽ آصف علي شيخ ڪنب شھر جي بينظير ڪالوني واسين ناري شھربانو شيخ ۽ ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ احمدپور واسين نوجوان آصف شيخ دربدري واري زندگي گھارڻ تي مجبور وڊيون لنڪ زريعي ڀرياسٽي جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو تــ 16 اپريل تي اسان پنهنجي رضا خوشي سان حيدرآباد جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو ھو جـنھن کان پوء ناري جا وارث ۽ ٻيا اسان جي جان جا دشمن بڻجي اسان کي مارڻ جو ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن اسان دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون ھنن چيو تـ ناري شھربانو جا وارث اسان جي گھرن تي حملا ڪرائي رھيا آھن اسان ھر وقت سخت خوف ۾ مبتلا آھيون اسان کي خدشو آھي تـ اسان کي قتل ڪيو ويندو ھنن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي سکر ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو آهي ته کين تحفظ ڏنو وڃي ـ










