پيءُ چوندو هو ته مان ميٽرڪ نه ڪري سگهندس: ايم ايس ڌوني

پيءُ چوندو هو ته مان ميٽرڪ نه ڪري سگهندس: ايم ايس ڌوني

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مهندر سنگهه ڌوني جو چوڻ آهي ته سندس والد جو خيال هو ته هو بورڊ (ميٽرڪ) جو امتحان پاس نه ڪري سگهندو.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ تقريب دوران مهندر سنگهه ڌوني کان هڪ ڇوڪري پڇيو ته اسڪول ۾ سندس پسنديده مضمون ڪهڙو هو.مهندر سنگهه ڌوني ڇوڪري کي جواب ڏيندي چيو ته مان هڪ سراسري شاگرد آهيان، تنهن ڪري منهنجي والدين چيو ته مان ميٽرڪ نه ڪري سگهان.هن چيو ته هن ستين درجي کان ڪرڪيٽ کيڏڻ شروع ڪيو هو، جنهن سبب اسڪول ۾ سندس حاضري گهٽجڻ لڳي هئي.اڳوڻي ڀارتي ڪپتان جو چوڻ آهي ته ميٽرڪ جي امتحان ۾ مون 66 سيڪڙو مارڪون حاصل ڪيون جڏهن ته انٽر ۾ منهنجا مارڪون 56 کان 57 سيڪڙو جي وچ ۾ هئا.هن اهو به چيو ته ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪري مونکي خوشي ٿي، جڏهن مان پاس ٿيس ته منهنجو پيءُ به ڏاڍو خوش هو.

پهنجو تبصرو موڪليو