پوليو ٽيم جي حفاظت تي مقرر 2 پوليس اهلڪار شهيد

سوات(ويب ڊيسڪ) پوليو  جا ڦڙا پياريندڙ ٽيم جي حفاظت لاءِ مقرر ٻن پوليس اهلڪارن کي نامعلوم حمله آورن گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو آهي. سوات ضلعي جي علائقي مدين ۾ لال قلعي پوليس اسٽيشن جي حد ۾ بنيادي صحت مرڪز جتان پوليو ٽيم کي روانو ٿيڻو هو، ان جي ڊيوٽي لاءِ مقرر 2 پوليس اهلڪار جڏهن وڃي رهيا هئا ته مٿن حملو ٿيو. ڊي ايس پي سعيد الرحمان ميڊيا کي ٻڌايو ته پوليو ٽيم حملي کان محفوظ رهي ڇو ته حملو صحت مرڪز کان پر ڀرو ٿيو. حملوڪندڙ موقعي تان فرار ٿي ويا. خيبر پختونخوا ۾ پنج ڏينهن واري پوليو مهم جو اربع تي ٽيون ڏينهن آهي. صوبي ۾ ساڍا ستهٺ لک ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ 22925 ٽيمون جوڙيون ويون آهن. ياد رهي ته پاڪستان ۾ هلندڙ سال پوليو جا 104 ڪيس سامهون آيا آهن جيڪي گذريل ٻن سالن ۾ سالوار سامهون آيل ڪيسن کان وڌيڪ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو