پوليو خلاف 5 ڏينهن واري ملڪ گير مهم شروع

پوليو خلاف 5 ڏينهن واري ملڪ گير مهم شروع

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ڀر ۾ پنج ڏينهن تائين جاري رهندڙ پوليو مهم اڄ کان شروع ٿي وئي آهي جنهن ۾ 2 لک 65 هزار ورڪر گهر گهر وڃي 5 سالن تائين جي عمر وارن 3 ڪروڙ 96 لک ٻارن کي ڦڙا پياريندا ۽ ويڪسين ڪندا. هن مهم ۾ ڪراچي سميت سنڌ جا ڪجهه شهر شامل ناهن ڇو ته انهن ۾ اڳ ۾ ئي پوليو مهم شروع ڪئي وئي هئي. مهم کان چند ڏينهن اڳ صحت جي قومي اداري خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان م 5 پوليو جا نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ جي تصديق ڪئي هئي جنهن بعد هن سال ملڪ ۾ ظاهر ٿيندڙ نون ڪيسن جو انگ 17 ٿي ويو هو. گذريل سال پوليو جا 144 ڪيس سامهون آيا هئا. جيڪي 2018 ۾ رڳو 12 هئا ۽ 2017 ۾ انهن جو تعداد صرف 8 هو.

پهنجو تبصرو موڪليو