سکر (امداد علي ڪلوڙ) ڊپٽي ڪمشنر سکر غلام مرتضيٰ شيخ پوليو مهم ۾ صحت کاتي ۽ ٻين ادارن جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان ظاهر ڪندي لاڳاپيل آفيسرن مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته سنجيدگي سان ڪوششون ۽ ٽيم ورڪ نه وٺڻ سبب هر ڀيري پوليو مهم ۾ خاميون ٿي رهيون آهن، خراب ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پوليو ورڪرن ۽ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن اهڙو اظهار پنهنجي آفيس جي ڪانفرنس روم ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ جوڙيل ضلعي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڊي ايڇ او سکر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرز سميت مختلف لاڳاپيل ادارن ۽ کاتن جي آفيسرن توڙي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڊي سي سکر هدايت ڪئي ته روٽين اميونائزيشن جي ڪارڪردگي کي سڌاريو وڃي، روٽين اميونائزيشن بهتر نه هئڻ ڪري پوليو جو خاتمو نه اچي رهيو آهي. هن چيو ته هاڻي ڪاغذن جو پيٽ ڀرڻ ۽ خانه پوري سان ڪم نه هلندو، پوليو جي خاتمي لاءِ جامع حڪمت عملي تي ڪم ڪرڻو پوندو، تنهنڪري مائيڪرو پلان اپڊيٽ ڪندي ان تي عمل ڪيو وڃي. هن چيو ته پوليو ٽيمن جي مانيٽرنگ سخت ڪئي وڃي، رهجي ويل ٻارڙن کي هر حال ۾ پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريا وڃن. ڊي سي سکر وڌيڪ چيو ته پوليو مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سنجيده ڪوششن جي ضرورت آهي، جيڪو آفيسر يا عملو ڪم نه ڪندو اُن خلاف هاڻي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن هدايت ڪئي ته ايندڙ اجلاس ۾ هر کاتي جو لاڳاپيل آفيسر باقاعده ملٽي ميڊيا تي پرزنٽيشن تيار ڪري بريفنگ ڏئي ۽ پراڻين غلطين کي دور ڪيو وڃي، ان ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.










