پوليس 2 روپوش ڏهارين کي گرفتار ڪري ورتو

ٿرڙي محبت (صدام حسين چانڊيو) ايس ايڇ او سجاد جمالي ڳجهي اطلاح تي ڀنڊماڙي ٿاڻي تي رپورش رهندڙ جوابدار برڪت سولنگي کي گرفتار ڪري لاڪب ڪري چڏيو. ٻئي طرف راڌڻ پوليس ڳوٺ دلاور خان سولنگي تي ڇاپو هڻي 2017 جي روپوش ڏوهاري عبدالرشيد پٽ عظيم خان سولنگي کي گرفتار ڪري ورتو. راڌڻ پوليس موجب گرفتار جوابدار خلاف راڌڻ ٿاڻي تي گناه نمبر 37/2017 ڏوهه جا ڪيس داخل ٿيل آھي.

ٻئي طرف راڌڻ وليج واسي سليم سولنگي کان هٿياربند موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي وڃي رهيا هئا ته موقعي تي راڌڻ پوليس کي اطلاع ڏنو ويو جنهن تي راڌڻ پوليس جي انچارج SHO منظور مستوئي ۽ ASI ڀورل خان سومري بروقت ڦورن جو پيڇو ڪيو ۽ ڦورو پوليس کي ڏسي ريلوي اسٽيشن جي گدامن کان موٽر سائيڪل ڇڏي فرار ٿي ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو