پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو،هٿيارن سميت 3 گرفتار

مورو (اياز علي سولنگي) درس روڊ ويجهو گرلس ھاءِ اسڪول جي سامھون خليفي سائين جي قبرستان ويجھو مورو پوليس خفيه اطلاع ملڻ تي ھڪ گھر تي ڇاپو ھنيو پوليس پھچڻ تي گھر ۾ موجود نامعلوم ماڻھن پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنھن جي جواب ۾ پوليس پنھنجي دفاع ۾ فائرنگ ڪندڙن جي گرفتاري لاءِ فائرنگ ڪئي ۽ ٻنھي طرفن کان فائرنگ جو سلسلو هڪ ڪلاڪ تائين جاري رھيو جڏھن ته وڌيڪ پوليس نفري طلب ڪئي وئي جنھن ۾ سي آءِ اي انچارج نوشھرو فيروز علي اڪبر چنا پوليس نفري سان گڏجي مقابلي واري ھنڌ پھتا جنھن دوران پوليس 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري سندن وٽان ھڪ رپيٽر، ھڪ بندوق، ھڪ پسٽل، ڪارتوس ۽ گوليون ھٿ ڪيون جڏھن ته ٽي ڄڻا فرار ٿي ويا جن جي ڳولا آسپاس جي گھرن ۾ پڻ ڪئي وئي پر نه ملي سگهيا. پوليس گرفتار ڪيل ٽنھي ڄڻن کي مورو ٿاڻي تي آڻي لاڪپ ڪري ڇھن ڄڻن مٿان دھشتگردي تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي گرفتار ٿيندڙن ۾ غلام علي ماڇي، راشد علي ماڇي ۽ ياسين ماڇي شامل آھن.

ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او مورو قربان قمبراڻي پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ ٻڌايو ته اسان گشت تي ھئاسين ته اسان کي خفيه اطلاع تي درس روڊ پهتاسين جي ڏوهارين اسان مٿان فائرنگ ڪري ڏني اسان به  جوابي فائرنگ ڪئي جيڪو سلسلو هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ جاري رهيو رهيو ۽ ڪجهه جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڪامياب وياسين. ٻئي پاسي گرفتار ٿيلن جو چوڻ آھي ته اسان جو مورو ۾ ڪنهن برادري سان مسئلو هلندڙ آھي اسان رات جي وقت پنهنجي گهر تي پهري تي هئاسين ته اوچتو سول ڪپڙن هٿياربندن اسان جي گهر تي چڙھائي ڪري فائرنگ ڪئي جنهن کان پوءِ اسان پنهنجو دفاع ڪيو اسان سان مورو پوليس ظلم ڪيو آھي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو