لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب پوليس ۽ رينجرز جا تازه دم دستا عمران خان جي گرفتاري لاءِ زمان پارڪ پهچي ويا آهن. پي ٽي آءِ ڪارڪنن اهلڪارن مٿان غليلن سان حملا جاري رکيا، پٿر بازي به ڪئي وئي، ڏنڊا بردار پي ٽي آءِ ڪارڪن پوليس ۽ رينجرز کي چيلنج ڪندا رهيا ۽ چڪريون جاري آهن. آسپاس جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويا آهن. عمران خان جي حفاظت لاءِ مقرر گلگت پوليس جي اهلڪارن پنجاب پوليس تي هٿيار تاڻي ورتا، پنجاب جي اينٽي رائٽ يعني دنگا فساد روڪڻ وارا اهلڪار غير مسلح آهن، انهن مٿان پڻ پٿراءُ ۽ غليلن سان بلور هنيا پيا وڃن. عمران خان جو چوڻ آهي ته هنکي 18 مارچ تائين حفاظتي ضمانت مليل آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 13 مارچ تي عمران خان کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ گرفتاري وارنٽ معطل ڪيا هئا. 14 تاريخ کان گرفتاري وارنٽ وارو حڪم قابل عمل آهي ۽ اسين عدالتي حڪم تي گرفتاري لاءِ آيا آهيون. پوليس جو چوڻ آهي ته زمان پارڪ جي گهر آڏو ڪارڪنن مٿان شيلنگ ۽ واٽر ڪينن استعمال ڪرڻ بعد ڪارڪن پوئتي هٽي ويا آهن پر عمران خان جي گهر جي ڇت تي موجود ڪارڪن پٿر بازي ڪري رهيا آهن ۽ غليلن سان حملا ڪري رهيا آهن. پوليس ۽ رينجرز جو چوڻ آهي ته هو اڄ عمران خان کي ضرور گرفتار ڪندا. ٻئي پاسي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ فواد چوڌري چيف جسٽس کي چيو ته اوهان پوليس آپريشن روڪڻ جو حڪم جاري ڪريو. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته بنا پٽيشن هو حڪم جاري نٿو ڪري سگهي. هوڏانهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ وارن پٽيشن داخل ڪئي آهي، جنهن تي رجسٽرار اعتراض ڪيو ته بايو ميٽرڪ ناهي ٿيل. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته پي ٽي آءِ کي اسين رليف ڏنو پر اوهان پاڻ حالتون خرب ڪيون آهن.










