اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان جي عوام موجب ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن پوليس ۾ آهي. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل نيشنل ڪرپشن پرسيپشن سروي 2021 جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ملڪ ۾ ڪرپشن، مهانگائي ۽ بيروزگاري جي اهم سببن تي پاڪستاني عوام جي راءِ طلب ڪئي وئي هئي. سروي موجب ڪمزور احتساب، طاقتورن جي لالچ ۽ گهٽ پگهارون ڪرپشن جا بنيادي سبب آهن، جڏهن ته حڪومتي نااهلي، ڪرپشن، سياستدانن جي حڪومت ۾ مداخلت ۽ پاليسين تي عمل نه ڪرڻ مهانگائي جو بنيادي سبب آهن. سروي ۾ پاڪستاني عوام پوليس کي ملڪ جو بدعنوان ترين ادارو قرار ڏنو جڏهن ته ڪرپشن ۾ عدليه ٻئي نمبر تي آهي.

سروي موجب 92.9 سيڪڙو پاڪستانين جو خيال آهي ته سڀ کان وڌيڪ مهانگائي پي ٽي آءِ جي دور ۾ ٿي، 85 سيڪڙو جو چوڻ آهي ته گذريل ٽن سالن ۾ سندن آمدني ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ هو موجوده حڪومت جي خود احتسابي کان مطمئن نه آهن. 66.8 سيڪڙو عوام جو خيال آهي ته احتساب جو عمل جانبدار آهي جڏهن ته 50 سيڪڙو عوام جو خيال آهي ته مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ واڌ جو سبب حڪومت جي نااهلي آهي. 23.3 سيڪڙو ماڻهن جو چوڻ آهي ته مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ واڌ جو بنيادي سبب ڪرپشن آهي، 9.6 سيڪڙو ماڻهن جو خيال آهي ته حڪومت ۾ سياستدانن جي مداخلت مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ واڌ جو بنيادي سبب آهي. 16.6 سيڪڙو شهرين جي راءِ آهي ته پاليسين تي عمل نه ٿيڻ جو سبب مهانگائي ۽ ڪرپشن آهي، 51.9 سيڪڙو عوام جو چوڻ آهي ته ڪرپشن جو بنيادي سبب ڪمزور احتساب آهي، 29.3 سيڪڙو عوام جي راءِ آهي ته ڪرپشن. طاقتور طبقي جي لالچ جو سبب آهي گهٽ اجرت به ان جي اهم سببن ۾ شامل آهي.










