پوليس ۽ رينجرز جي ڪارروائي، وارداتن ۾ ملوث جوابدار گرفتار

پوليس ۽ رينجرز جي ڪارروائي، وارداتن ۾ ملوث جوابدار گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ رينجرز ۽ پوليس گڏيل ڪارروائي ڪندي 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدارن 100 کان وڌيڪ چوري ۽ اسٽريٽ ڪرائم جي وارداتن جو اعتراف ڪيو آهي.رينجرز ترجمان موجب جوابدار ريڪنگ ذريعي بئنڪ ۾ ايندڙ واپارين کي ڦر ڪندا هئا، جوابدار بلوچستان جي علائقي چيڪو باغ ۾ موٽرسائيڪلون چوري ڪري وڪرو ڪندا هئا.رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدارن 100 کان وڌيڪ چوري ۽ اسٽريٽ ڪرائم جي وارداتن جو اعتراف ڪيو آهي، جوابدارن 150 کان وڌيڪ موبائيل فون ۽ 5 لک رپين کان وڌيڪ روڪ رقم چوري ڪرڻ جو به اعتراف ڪيو آهي.رينجرز ترجمان موجب گرفتار جوابدارن ۾ حڪمت الله، ظاهر شاهه ۽ عبدالرشيد شامل آهن، جوابدار منشيات اسمگلنگ ۾ به ملوث آهن، جوابدارن جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو