اوڏيرو لال (ن س )اوڏيرو لال ۾ پوليس ڪيلي جي واپارين کان ڦر جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، پوليس ۽ هٿياربندن ۾ مقابلي بعد جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. عثمان شاهه-اوڏيرو لال لنڪ روڊ تي هٿياربند ڪيلي جي واپاري هريو ڪولهي ۽ سندس ساٿي کان ڦر جي ڪوشش ڪئي. پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي واپارين کان ڦر جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، جنهن دوران پوليس ۽ ڦورن ۾ مقابلو ٿي پيو. پوليس ۽ ڦورن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ بعد جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.










