سڪرنڊ (راج ڪماراوڏ)ڳوٺ ٽگهاٽ لڳ کٻڙائي رندن ۾ سڪرنڊ پوليس جي ايس ايچ او حبيب الرحمن لاشاري جي اڳواڻي ۾ چاپو هڻي چئن ڀٽين تان وڏي تدا ۾ ڪچو شراب هٿ ڪري ورتو. جڏهن ته شراب جون ڀٽيون هلائيندڙ ڪيلن جي فصل ۾ فرار ٿي ويا جڏهن ته پوليس ڇاپي دوران 3000 هزار ليٽر ڪچو شراب برآمد ڪرڻ جي دعوا ڪئي آھي ان موقعي تي ايس ايچ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايس پي تنوير احمد تنيو جي حڪم تي سڪرنڊ شھر جي آس پاس منشيات خلاف مهم جاري آھي جنهن به منشيات وڪرو ڪيو ان خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.










