پوليس پاران پنج ڏوهاري هٿيارن سميت گرفتار

پوليس پاران پنج ڏوهاري هٿيارن سميت گرفتار

ڳڙهي ياسين (ن سنڌيار)پوليس کيرٿر ڪينال پل وٽ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري ڏوھ جي ارادي سان ڪرولا ڪار ۾ ايندڙ هٿياربندن سان مقابلو ڪري پنج ڏوهارين کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا، جنهن ۾ مختلف ڏوهن ۾ گهربل ڏوهاري سڌير پٽ قيصر چانڊيو، رحمت الله پٽ امان الله چانڊيو, انور پٽ جڙيل چانڊيو, سرور پٽ الله داد بيهڻ ۽ سيد معشوق پٽ امداد علي شاھ کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان رپيٽر, ٻه ڊبل بيرل بندوقون, هڪ ٽي ٽي پسٽل ۽هڪ ڪار هٿ ڪري ورتي آهي ،ايس ايڇ او ڳڙھي ياسين طارق لاکير ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع تي اوچتي ڪاروائي ڪري ڏوھ جي ادري سان بيٺل پنجن ڪار سوارن کي پوليس مقابلي بعد هٿيارن سوڌو گرفتار ڪري ورتو آهي، جيڪي مختلف ڏوهن ۾ گهربل آهن، وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ جي جاچ ڪري رهيا آهيون. سرڪار پاران گرفتار ڪيل پنجني ڄڻن تي ASI علي احمد منگيء جي مدعيت ۾ 05 ڪيس داخل ڪيا ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو