پوليس پاران 7 مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

شڪارپور(عبدالخالق سومرو) شڪارپور پوليس پاران ڌاڙيلن خلاف ڪارواين جو سلسلو جاري، ٻن ڏينهن اندر ستن مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعوا. خبر موجب شڪارپور پوليس پاران ايس ايس پي تنوير تنيو جي قيادت ۾ ڌاڙيلن خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن جاري آھي، ٻن ڏينهن دوران ڪجھ ڌاڙيلن جي گرفتاري بعد ڌاڙيلن پنھنجو گھيرو تنگ محسوس ڪندي پوليس جي دٻاءَ ۾ اچي مختلف وقتن تي اغوا ڪيل ستن مغوين کي آزاد ڪري ڇڏيو، بازياب ٿيلن ۾ حبيب الله مھر، بسم الله مھر، سونارو، عبدالحئي شيخ، مانجھي شيخ، نقيب الله ۽ عنايت الله شامل آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو